اندر جو ڄامڙو

اندر جو ڄامڙو (ڪتاب ):مشهور ڪهاڻيڪار ايشور چندر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جيڪو 1984ع ۾ طارق اشرف ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ڪتاب جا صفحا 198، قيمت 12 رپيا. ڇپائيندڙ سهڻي پبليڪيشنس، حيدرآباد سنڌ.اجمير واسي ايشور چندر 1998ع ۾ سرڳواس ٿيو آهي. ريلوي ۾ ملازم هو. سندس ڪهاڻين جا ٽي ٻيا مجموعا ”ڇوڪرو ۽ ڇوڪري“، ”سخت چهري وارو ماڻهو“ ۽ ”ٿڌا چپ“ ڇپيل آهن. ايشورچندر جي هن ڪتاب ”اندر جو ڄامڙو“ ۾ ڏهه ڪهاڻيون آهن: (1) سخت چهري وارو ماڻهو، (2) اندر جو ڄامڙو، (3) ڪمزور نسن وارو گهر، (4) ٻئي ڏاڪي تي رڄندڙ برف، (5) وقت جي انتيءَ بعد، (6) هڪ دلشڪستي شخص جو خط، (7) موٽي آيل ماضي،(8) باهه، (9) ان گهڙيءَ لاءِ...، (10) ملڪيت.
طارق اشرف پاران سندس ڇپايل هيءُ ٻيو مجموعو آهي، جنهن مان ليکڪ جي معيار ۽ سنڌيءَ ۾ مقبوليت ظاهر آهي. طارق اشرف جي لفظن ۾ ”ايشور جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو ته اها ڪهاڻي ته اسان جي پنهنجي گهر جي آهي، يا اهو واقعو ته اسان جي پنهنجي پاڙي ۾ ٿي چڪو آهي. “


لفظ اندر جو ڄامڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو